شاهه لطيف لائبرري مٽياري

شاهه لطيف لائبرري مٽياري: هيءَ لائبرري 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ کانپوءِ سنڌ ۾ سياسي سرگرمين تي بندش سبب مٽياريءَ جي ڪجهه باشعور نوجوانن، شهرين ۾ شعوري جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ قائم ڪئي ۽ هن پليٽفارم تان سياسي جدوجهد پڻ ڪئي وئي. لائبرريءَ جو بنياد 13 جنوري 1984ع تي پيو. لائبرري قائم ڪرڻ جو اصل مقصد شعوري جاڳرتا لاءِ ماڻهن ۾ مطالعي جي هير وجهڻ هو، پر اڳتي حالتن کي نظر ۾ رکندي هن اداري ۽ ميمبرن جو ڪردار سياسي بڻجي ويو. ڪافي عرصي تائين هن اداري مٽياريءَ جي سماجي تنظيمن لاءِ Mother Party جو ڪردار ادا ڪيو. ان دور ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ وڳوڙن خلاف هن اداري پاران احتجاج ڪيا ويا ۽ وڳوڙن ۾ زخمي ٿيل مٽياري واسين لاءِ رت ڏيڻ، زخمين کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ ۽ انهن جي علاج لاءِ چندو ڪري مدد ڪرڻ ۽ وڳوڙ دوران قتل ٿي ويل ڪيترن ماڻهن جا لاش وصول ڪري وارثن تائين پهچائڻ جهڙا ڪم هن لائبرريءَ جي پليٽ فارم تان سر انجام ڏنا ويا. هن اداري پاران شروع ۾ بوڪ بئنڪ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو، جنهن ذريعي مٽياريءَ جي بوائز ۽ گرلز هاءِ اسڪولن جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تيرهن سالن تائين مفت ڪتاب ڏنا ويا. مفت ڪتاب حاصل ڪندڙ ٻارن جو تعداد هر سال 200 جي لڳ ڀڳ هوندو هو. ان کانسواءِ هر سال هوشيار شاگردن کي شيلڊون ڏنيون وينديون هيون ۽ ٿيلها، پينون ۽ شاگردن جي ضرورت جو ٻيو سامان پڻ مهيا ڪيو ويندو هو. هن پروجيڪٽ لاءِ آمريڪا ۾ رهندڙ مٽياري واسين پاران پڻ مدد ڪئي ويندي هئي. هن وقت هي لائبرري ‘شاهه لطيف سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن’ جي نالي سان ڪم ڪري رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو